Stories by Abdul Hameed on Medium
هي تحريڪ غير ملڪي تسلط، جيڪو انگريزن قائم ڪيو هو، ان خلاف هلائي ويئي، انگريز قوم 1400 ع ۾ انگلستان ۾ هندستان سان واپار ڪرڻ جي نالي سان ٺاهي ۽ ان لاءِ برطانوي حڪومت کي منظوري لاءِ درخواست ڏني، جنهن ۾ ڪمپني هڪ ٺهراءُ جو نقل به حڪومت کي پيش ڪيو. ان ۾ هو ته” ڪنهن به ذمينداري جي ڪم تي ڪنهن ايماندار فرد کي نه رکيو وڃي، ڇو جو ڪٿي ائين نه ٿئي جو شريفن کي نوڪر رکڻ سان ڪمپني جا ماڻهو ( حصيدار) شڪ ۾ پئجي وڃن ۽ پنهنجي رقم واپس ڪرڻ جي گهر ڪن“ اهڙي طرح دنيا جي هڪ ظالم ۽ ٻهروپي قوم، مختصر تجارتي ٽولي جي صورت ۾ 31 ڊسمبر 1602ع ۾ ملڪئه برطانيه راڻي اليزبيٿ جي حڪم سان، هندستان ۾ قدم رکيو. ان جا 24 ميمبر هئا ۽ ڪمپني جي موڙي ڏهه لک روپيا هئي. هن جو ڪاروبار هڪ گورنر ۽ 24 چونڊيل ڊئريڪٽرن جي هٿ ۾ هو، جيڪي سڀ پختئه ڪار غنڊا ۽ بدمعاش هئا. راڻي کين ايسٽ انڊيا ۾ واپار ڪرڻ جو پروانو ڏنو هو. 1612ع ۾ ڪمپني جهاز انگريز جي دور ۾ اجازت حاصل ڪري احمد آباد، سورت ۽ بمبئي ۾ تجارتي مرڪز قائم ڪيا، ڪمپني 1612ع ۾ سورت ۾ پنهنجو پهريون ڪارخانو 1616ع ۾ مسليپٽ ۾ ٻيو ڪارخانو ۽ 1689ع ۾ ٽيون ڪارخانو مدارس ۾ قائم ڪيو. 1662ع ۾ انگلينڊ جي بادشاهه چارلس ٻئي بمبئي جو بندر جو کيس سندس زال جي ڏاج ۾ مليو هو ڪمپني کي ڏهن پائونڊن جي سالياني مسواڙ تي ڏنو. مدراس جي حاڪم کان هنن اجازت وٺي سينيٽ جارج جي نالي سان هڪ قلعو ٺهرايو. 1665ع ۾ سر ٽامرو مغلن جي درٻار ۾ ايلچي ٿي آيو، جيڪي ٽي سال رهي، ڪمپني لاءِ ڪيترن ئي سهولتن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، مغل بادشاهه، فرخ سيرجو، جڏهن ڊاڪٽر هئملٽن علاج ڪيو، تڏهن ان جي عيوض ۾ تجارتي سامان تان محصول معاف ڪيو ويو ۽ کين ڪجهه زمين ۾ الاٽ ڪري ڏني ويئي. ان ڪري ڪمپني ڪلڪتي ۾ ” فورٽ وليم“ نالي هڪ ٻيو قلعو ٺهرايو ۽ انگلينڊ مان ڪجهه گورا پلٽڻ گهرائي رکي، جنهن ۾ هوريان هوريان اضافو ٿيندو رهيو. اهڙي طرح اهي فوجي برتري حاصل ڪرڻ لڳا.
(اقتباس : انگريزن جو بر صغير ۾ اچڻ - 1857ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ )
انساني تعلقن جي اھميت
ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي ٻين ماڻھن سان ڊيل ڪرڻي پئي ٿي ۽ انھي سچائي کان اسان پري ڀڄي نٿا سگھون. توھان جيترو وڌيڪ ماڻھن سان تعاون ڪندو. اوترو ئي وڌيڪ ڪاميابي حاصل ٿيندي، اوتريون ئي وڌيڪ سھولتون پيدا ٿينديون.توھان کي اھا ڳالھ وڻي يا نہ وڻي پر اھو ئي سچ آھي تہ اسان کي زندگي ۾ ڪنھن منزل يا مقام تي پھچڻ جي لاءِ ڪڏھن نہ ڪڏھن، ڪٿي نہ ڪٿي ٻئي ماڻھون جي ضرورت پئي ٿي. جيترو وڌيڪ توھان ماڻھن سان تعلقات بھتر رکندو اوترو ئي وڌيڪ توھان جي ڪاميابي جا موقعا وڌندا. جيڪڏھن توھان جو سلوڪ ماڻھن سان ناخوشگوار آھي تہ اھو توھان لاءِ تمام گھڻا مسئلہ پيدا ڪري سگھي ٿو.
ٻين ماڻھن سان تعلقات ٽن قسمن سان بھتر بڻائي سگھجن ٿا.
1. جن ماڻھن جي سوچ، سمجھ،خيال توھان سان ملن ٿا تہ توھان انھن ڏانھن ڇڪيا ھليا ويندو. توھان پاڻ کي انھن ماڻھن جي محفل ۾ سٺو محسوس ڪندو.
2. ٻين ماڻھن جي تعاون ڪرڻ سان توھان جي نتيجي ۾ بھتري اچي ٿي. ان سان توھان ۽ توھان سان جڙيل ماڻھون بھترين محسوس ڪندا.
3. ڪڏھن نہ ڪڏھن اھي ماڻھون بہ توھان سان گڏ ڪم ڪرڻ يا ملڻ چاھيندا، جيڪي ڪجھ وقت پھرين توھان جا خير خواھ نہ ھئا.
اھڙي ڪيترا ئي عمل ۽ خاصيتون جيڪي بھترين انساني تعلقات سڌا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. انھن ۾ ھڪ عمل “موثر گفتگو” بہ آھي.
انھن مان ڪجھ خاص ھيٺ ڏجن ٿا.
1. اختصار پسندي:
ماڻھون ھميشہ ان ماڻھون جي ڪم ۾ شڪ ظاھر ڪندا آھن جيڪو ھڪ ئي ڳالھ کي وري وري ورجائيندو ھجي. گھٽ ڳالھائڻ تمام وڏي طاقت آھي. ڪاروباري معاملن ۾ تمام ضروري آھي. ماڻھون ھميشہ ان ڳالھ کان بي چين ٿي ويندا آھن. جڏھن انھن کي ھي سمجھ ۾ نہ ايندو آھي تہ آخر ڳالھ ڪھڙي موضوع تي ڪئي پئي وڃي. ڪنھن بہ ڪاروباري پريزنٽيشن ۾ ٽي اھم مسئلا ھوندا آھن. جيڪي ھڪ ٻئي سان جڙيل ھوندا آھن.
1. توھان مون کان ڇا ٿا چاھيو؟
2. توھان ڪھڙي شئ کي مڪمل ڪرڻ ٿا چاھيو؟
3. انھي ۾ توھان جو ۽ منھنجو ڪھڙو فائدو آھي؟
2. حتمي فيصلو؛
وقتي طور تي توھان ڪنھن ڪم ڪرڻ جي حامي تہ ڀري وٺو پر پوءِ ان کي پورو نہ ڪري سگھو تہ ان کان بھتر آھي تہ توھان انھي وقت انڪار ڪري ڇڏيو. جئين بعد ۾ توھان کي نقصان نہ کڻڻو پوي. ڪنھن کي ڪوڙي اميد ڏيڻ ۽ پيسا ضايع ڪرڻ کان بھتر آھي تہ توھان بروقت فيصلو ڪيو تہ ٻيا ماڻھون نقصان کان بچي وڃن.
3. سچائي:
ھن عادت کي اپنائڻ جي لاءِ سڀ کان پھرين ھي ضروري آھي تہ انسان پنھنجو پاڻ سان سچ ڳالھائي، پنھنجو دل مطمئن ھجي. بھترين انساني تعلقات اتان جنم وٺن ٿا تہ جڏھن توھان سان اھڙا ماڻھون ملن ٿا جيڪي ذاتي يا ڪاروباري طور تي بلڪل توھان جھڙا ھجن. دنيا جو مشڪل ترين ڪم ماڻھن کي متاثر ڪرڻ آھي. انھي ڪري پنھنجو ھڪ معيار ٺاھيو. انھي تي ھلو، وقت ثابت ڪندو ۽ توھان جو سڪو مڃرائيندو.
4. شفقت:
رحمدل ھجڻ جو مطلب ھي آھي تہ توھان جي ذاتي زندگي ۽ ڪاروباري معاملن سان جڙيل ھر شخص سان توھان جو رويو شفقت ڀريو ھجي. شفقت کي تمام گھڻن قسمن سان ظاھر ڪري سگھجي ٿو. مثال: وري فون ڪال ڪري، ڪنھن جي حوصلہ افزائي ڪري. رحم ۽ شفقت ڀريو رويئي جو استعمال ڪري، ھٺ ڌرمي ۽ غرور کي ڇڏي اسان ھر ڪنھن سان تعلقات بھتر ڪري سگھون ٿا. ھي عمل ان تيل جيان ڪم ڪري ٿو. جنھن سان انساني تعلقن جي مشين بھترين طريقي سان ڪم ڪري ٿي.
5. ھمدردي:
ھمدردي جو مطلب ھي آھي تہ توھان پاڻ کي ٻين جي جاءِ رکي سوچو. پوءِ توھان محسوس ڪندو تہ جيڪي ماڻھون ٻين سان ھمدردي ڪن ٿا. انھن سان بہ ھمدردي ڪئي وڃي ٿي. انسان جيڪو پوکيندو، اھوئي لڻندو.
6. اخلاص:
خاص ھجڻ جو مطلب ھي آھي تہ توھان جي پسند سٺي ھجڻ گهرجي. ھڪ فحاشي، مغروريت ۽ تنز جھڙين ڳالھين جو مخالف آھي. اھڙيون ننڍيون ننڍيون حرڪتون جيڪي توھان جي سٺي اخلاق کي ظاھر ڪن. توھان جي ڪاروباري ماڻھن جون دليون کٽي وٺنديون آھن. اھڙا ماڻھون جيڪي توھان جي زندگي کي معني خيز بڻائن اھي خالص ماڻھون ھوندا آھن.
7. احساس زمہ داري:
ڇا توھان اھو ڪم ڪندا آھيو؟ جيڪي توھان چوندا آھيو، اھو ڪم مان ڪندس. انھي جو راز ھي آھي تہ وعدن کي عملي شڪل ڏيو، انھي ڳالھ جي سخت ضرورت آھي تہ توھان واعدا ڪندي احتياط کان ڪم وٺو ۽ پنھنجي ڪم ۾ زمہ داري جو احساس ڪيو.
8. خود اعتمادي:
ھي خاصيت باقي سڀني خاصيتن کان وڌيڪ اعلي آھي. جيڪا ماڻھن کي توھان سان ڪاروبار، ميل جول لاءِ اڪسائي ٿي. پنھنجو پاڻ تي يقين رکڻ وارا ماڻھون سمجھدار ھوندا آھن. اھڙا ماڻھون سڀني ڏکيائن جو حل ڪڍڻ لاءِ تيار ھوندا آھن. بجائي انھي جي جو ھو ٻين جي مدد جو انتظار ۾ رھن. جيتري عقلمندي سان توھان پنھنجي مدد پاڻ ڪندو اوترو ئي گھٽ توھان کي ٻين ماڻھن جي ضرورت پيش ايندي.
9. موقع شناسي:
انھي جو مطلب پنھنجي لغت مان منفي ۽ برن لفظن کي ڪڍڻ آھي. انھي جو مطلب ھي بہ آھي تہ توھان ماڻھن کي چيلنج ڪرڻ کان بچو. باوجود انھي جي تہ توھان سامھون واري شخص کي غلط ثابت ڪري سگھو ٿا. جيڪڏھن ڳالھ وڌيڪ پيچيدہ نہ ھجي تہ توھان ھن کي غلط ثابت ڪرڻ کان پاسو ڪيو. ڇوتہ ڪڏھن اھو توھان کي ڳچي ۾ بہ پئجي سگھي ٿو. پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ سان شايد توھان ويڙھ تہ کٽي وٺو پر جنگ ھارائي ويندو.
10. صبر:
صبر جو مطلب ھي آھي تہ توھان پنھنجي يقين ۽ نقطہ نظر کي پاسي تي رکندي ٻين ماڻھن جي يقين ۽ نقطہ نظر جو بہ احترام ڪيو. انھي جو مطلب ھي ھرگز نہ آھي تہ توھان ان جي راءِ سان متفق آھيو. پر صرف انھي ڳالھ جو احترام ڪيو ٿا تہ ھر شخص کي راءِ ڏيڻ جو حق حاصل آھي.
“رابرٽ جي رنگر
مترجم: عبدالحميد جمالي
‏مطیع اللہ جان کا وہ بلاگ جس کو بنیاد بنا کر سپریم کورٹ نے توہین عدالت نوٹس دیا،
اور یہ لکھنے پر مطیع اللہ جان کو "نامعلوم افراد" نے اٹھا لیا.
مطیع اللہ جان نے کیا انکشافات کئے ہیں آپ بھی سن لیں.
https://t.co/0NsfnJRtba‎
لگتا ہے این ڈی ایم اے کو ہی ختم کرنا پڑے گا: چیف جسٹس
جعلی ادویات کا معاملہ
چیف جسٹس نے استفسار کیا کہ بھارت سے آنے والی ادویات غیر قانونی تھی اور اس کی حیثیت کیا تھی؟
سول ایوی ایشن اتھارٹی اور پائلٹس کا معاملہ
چیف جسٹس نے کہا آپ اس عہدے کے اہل ہی نہیں۔ سی اے اے چلانا آپ کے بس کی بات نہیں۔'
https://youtu.be/ZtzUtKiEfcU
‏مان سمجهان ٿو ته اسان جي سڀني والدين ۽ ٻارن کي هي ضرور ٻڌڻ گهرجي ۽ انهي تي عمل ڪرڻ گهرجي‘
هي ٻڌڻ کان پوِء محسوس ٿيندو ته اسان پنهنجي زندگي هڪ لامحدود غلامي ۾ گزاري رهيا آهيون.
https://t.co/dBeSf98yhS‎
جئين ته ڏينهون ڏينهن دنيا ڊجيٽل ٿيندي پئي وڃي. پهرين ڪتاب خريد ڪري گهرن ۾ ڪٻٽن ۽ المارين کي ڪتابن سان ڀري انهن کي سينگاريو ويندو هو. پر دنيا پاسو بدلايو انٽرنيٽ جي دنيا جنم ورتو ڪتاب موبائيلن ۽ ڪپميوٽرن جي فولڊرن ۾ اچي ويا. جيڪي گهرن ۽ لائبريرين ۾ ڪتاب پڙهندا هئا اهي هاڻي موبائيلن ۽ ڪمپيوٽرن ۾ ڪتاب پڙهڻ لڳا. انٽرنيٽ جي دنيا ۾ جتي تمام گهڻيون شيون انٽرٽينمنٽ جون اکين جي سامهون ۽ ذهنن ۾ هجن اتي وري ڪتاب پڙهن ٿورو مشڪل ٿي پيو. ڪتاب پڙهڻ جا شوقين وڊيو ڊاڪيومينٽريز، تحقيقي ۽ معلوماتي وڊيوز ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لڳا.
ڊجيٽل دنيا کي مدنظر رکندي مون کي به خيال ٿيو ته ڇونه آڊيو يا وڊيو ڪتاب انٽرنيٽ تي رکيا وڃن، جئين ڪتاب پڙهڻ جي مرحلي کي اڃا آسان ڪري ڪتاب ٻڌڻ جي مرحلي ۾ پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي آڏو پيش ڪيا وڃن ته جئين جيڪي اڻ پڙهيل يا مصروف ماڻهون آهن اُهي به آڊيو يا وڊيو ڪتاب ٻڌي فائدو حاصل ڪري سگهن ۽ پنهنجي علم ۾ اضافو ڪري سگهن. انهي خيال کي عملي جامو پهرائيندي مون يوٽيوب تي هڪ چينل جو بنياد رکيو جنهن جو نالو ”پيپلز پروگريسو“ رکيو. ”ابن بطوطه جو سفر نامه“ ”محمد مجيب جو ڪتاب دنيا جي تاريخ“ ”مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب سنڌ جي مختصر تاريخ“ وغيره اپلوڊ ڪيا آهن ۽ ڪتابن جا مضمون اپلوڊ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
مان سڀني سنڌي ڀائرن کي عرض ڪندس ته هن چينل تي اچي پنهنجي پسند جي ڪتابن مان پنهنجي پسند جا مضمون ٻڌن.
عبدالحميد جمالي
(پاڻي تي ھاڻي پاڻي ٿيندو، منھنجو توسان پاڻي ٿيندو)
دادو ضلعي جي جوھي تعلقي ۾ زرعي پاڻي ھڪ وڏو مسئلو رھيو آھي، جيڪو اڄ کان نہ پر ڪيئي سالن کان ھلندو پيو اچي ۽ ھاڻي سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آھي. زرعي پاڻي جي شديد قلت جي ڪري فصلن جو نہ ٿيڻ جوھي جي عوام کي مالي مشڪلاتن جي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آھي. جوھي تعلقي جو ڪاڇي وارو علائقو ٿر وانگر ڏڪار جو ڏيک ڏئي رھيو آھي. ٿري ماڻھن جيان ڪاڇي جا ماڻھون ۽ مال اڃ وگھي مري رھيا آھي. ڪاڇي ۾ تہ پلر بہ پيئڻ لاءِ نٿو ملي. ڪاڇي جي عوام جي مستقبل جون واڳون سياسي اڳواڻن جي ھٿن ۾ آھن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سيد غلام شاھ جيلاني جي وفات کان پوءِ ان جي فرزند سيد صالح شاھ جي ايم پي اي جي اليڪشن جي مھم دوران جوھي جي عوام سيد غلام شاھ جيلاني جون شڪايتون سيد صالح شاھ سان ڪيون. پر سيد صالح شاھ اھو چئي ووٽ ورتا تہ ”ھاڻي مان آھيان توھان جا ڪم نہ ٿين تہ مون کان سوال ڪجو“ وري جوھي جي عوام زھر جو ڍڪ ڀريو ۽ سيد صالح شاھ جي واعدن تي يقين ڪري ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو. سيد صالح شاھ جي ايم پي اي ٿيڻ کان پوءِ جوھي جي عوام جا سيد صالح شاھ ڏي پنڌ رھيا ۽ پيپلز پارٽي دادو ضلعي جي صدر ۽ دادو جوھي تعلقي جي ايم اين اي رفيق جمالي جيڪو گورک ھل ڊولپمنٽ جو چيئرمين پڻ آھي ان ڏي بہ جوھي جي عوام ڪافي چڪر ڪاٽيا پر درد جو درمان نہ ٿيو تہ آبادگارن احتجاجن، ڌرڻن ۽ بک ھڙتالن جو آغاز ڪري ڇڏيو. انھي صورتحال کي ڏسندي ڊي سي دادو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر گورک ھل ڊولپمنٽ اٿارٽي شاھ زمان کھڙي رينجرز کي ٻن ڏينھن لاءِ شاخن تي پھرو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جنھن جون ڪاپيون ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڏي پڻ اماڻيو. جنھن کي آبادگارن اھو چئي رد ڪري ڇڏيو تہ ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي حڪم جون ڪاپيون ڏيڻ جو مطلب پاڻي چورن کي اڳواٽ ئي آگاھ ڪرڻ برابر آھي.
آبادگارن 19 جولائي تي ھڪ وڏي عوامي احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آھي. جنھن تي رفيق جمالي مڇريل آبادگارن جي زخمن تي مرھم رکڻ بدران سوشل ميڊيا تي ھڪ غير سياسي بيان ڏئي آبادگارن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيو آھي ۽ واعدن ۽ آسرن کان بدظن جوھي جو عوام ۽ پيپلز پارٽي جا ووٽر بہ گڏجي آبادگارن سان احتجاج ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو وچن ڪيو آھي.
جوھي جي پاڻي جو مسئلو سنجيدھ نوعيت جو مسئلو آھي جنھن کي حل ڪرڻ بدران وڌيڪ سياسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جيڪڏھن انھي احتجاج ۾ پي ٽي آئي اڳواڻ لياقت جتوئي ۽ دادو عوامي اتحاد جو چيئرمين تيمور پنھور گڏجي حصو ورتو تہ ھي ھڪ وڏو عوامي احتجاج ھوندو. جنھن کي روڪڻ انتظاميہ لاءِ مشڪل ٿي ويندو ۽ پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر لاءِ وڏو مسئلو پيدا ڪندو.
عبدالحميد جمالي / ڪراچي